سرينگر – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي سرينگر ۾ گهر ۾ مسلسل غيرقانوني نظربندي کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض فوجي ڀارتي انتظاميا مير واعظ کي نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کان هڪ ڏينهن ??ڳ 4 آگسٽ 2019ع تي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر پاران جاري هڪ بي??ن ۾ مير واعظ عمر فاروق کي زبردستي نظربند ڪرڻ جي غيرقانوني ۽ جابراڻي قدمن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ??ان ان جي سڀني بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ٿي آهي. بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته ائين لڳي ٿو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ ک?? ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ انهن ??ي پرامن ڪوششن جي سزا ڏن?? پئي وڃي ۽ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بي??ن ۾ ڀارتي حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اها سڀني ڪشميري سياسي نظربندن کي آزاد ۽ ڪشمير جي تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪري.