عمان -17 اپريل (اي پي پي) اردن جي شاهه عبدالله (ٻه) چي?? آهي، ته انهن جو ملڪ ڪنهن به صورت ۾ علائقائي جنگ جو ٿيٽر نه بڻجندو. ميڊيا رپورٽن مطابق شاهه عبدالله ملڪي سالميت ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن معاملن کي ترجيح ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چي?? ته اردن جو مقصد اسرائيل جي دفاع ڪرڻ بدران پنهنجي خود??خت??اري جو تحفظ ڪرڻ آهي. سندس اهو بيان اسرائيل تي فائر ڪيل ايراني ميزائيلن کي اردن پاران رستي ۾ تباهه ڪرڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي. هوڏانهن برلن ۾ پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي جرمن هم منصب سان ڳالهائيندي اردن جي پرڏيهي وزير ايمن صفادي چي?? ته ايران پنهنجي حملي کي اسرائيل پاران ا?? جي قونصليٽ تي حملي جو جواب قرار ڏنو آهي، ۽ چي?? آهي، ته هو ان معاملي کي اڳيان وڌائڻ نه ٿا چاهين. اسان موجوده اشوز کي اڳيان وڌائڻ جي خلاف آهيون.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ايران سان تڪرار چاهي ٿو. هن چي?? ته عالمي برادري کي اسرائيلي وزيراعظم کي ايران سان ٽڪراءَ ??ي روڪڻ گهرجي.