اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ مسلمان امت جي ترجماني ڪئي، ڪشمير ۽ فلسطين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل جو احتساب ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جي بائيڪاٽ کانپوءِ نيتن ياهو جي خطاب دوران هال خالي هو، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي اڳواڻن جي ملاقاتن سان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي سگهه ملي، پرڏيهي پاليسي ثابت ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ اهم ملڪ آهي، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻيا عالمي مالياتي ادارا پاڪستاني معيشت کي ساراهي رهيا آهن، پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي، پاليسي ريٽ گهٽ ٿيڻ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، اڄ مهانگائي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي جيڪا قوم جي لاءِ وڏي خوشخبري آهي، 10 وزيرن ۽ سرڪاري گاڏين سان انقلاب نه ٿو اچي، انقلاب جو خواب ڏسندڙن کي اڳ ۾ به چئي چڪو آهيان ته تبديلي جو جذبو تبديلي جو جنون، انالله وانااله راجعون. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا جو ڪامياب دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي تاريخي خطاب ڪيو جيڪو پاڪستان جي لاءِ اعزاز جو سبب آهي ۽ ان کي پوري دنيا ۾ پذيرائي ملي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٻين ملڪي سربراهن سان ملاقاتون نه رڳو حوصلي جوڳيون رهيون پر ان سان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي وڌيڪ سگهه ملي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ثابت ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ اهم ملڪ آهي. هن چيو ته فلسطين مسئلي ۽ اسرائيلي جارحيت تي وزيراعظم هي عالمي فورم تي ڀرپور انداز ۾ آواز اٿاريو، وزيراعظم سدائين چوندو رهيو آهي ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهيو آهي، ان کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وزيراعظم جو خطاب ٻين عالمي اڳواڻن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويو جيڪو اسان جي پرڏيهي پاليسي جي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته رڳو الجزيره ٽي وي چينل تي 1.6 ملين ماڻهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خطاب کي ڏٺو جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم جي خطاب تي رڳو 3 لک ويوز آيا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب فلسطين ڪاز جي لاءِ هڪ وزنائتو آواز هو جنهن ۾ مسلمان امت جي ترجماني ڪئي وئي ته پاڪستان سدائين کان مسلمان امت جي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي جڏهن تاريخ لکي ويندي ته وزيراعظم جي خطاب جو ضرور ذڪر ٿيندو ته ڪهڙي طريقي سان پاڪستان فلسطين ڪاز جي لاءِ هر رخ تي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي خطاب جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ جنرل اسيمبلي هال مان واڪ آئوٽ ڪيو. ان کانپوءِ ٻين ملڪن پڻ اسرائيلي وزيراعظم جي خطاب تي واڪ آئوٽ ڪيو، اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير جي وقت تقريبن هال خالي ٿي چڪو هو. هن چيو ته پاڪستان کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته اسان فلسطين ڪاز تي ڀرپور آواز اٿاريو، پاڪستان فلسطينين جي خلاف اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ تي ڀرپور طريقي سان ڪيس پيش ڪيو ۽ عالمي دنيا کان مطالبو ڪيو ته اها فلسطين ڪاز تي خاموش نه رهي، فلسطين مسئلي جو حل نڪرڻ گهرجي ۽ جنگبندي ٿيڻ گهرجي، اسرائيل جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فلسطيني صدر محمود عباس جي وچ ۾ جڏهن ملاقات ٿي ته فلسطيني صدر پاڪستان جي حمايت کي خوش آئنده قرار ڏنو، فلسطين جي صدر محمود عباس وزيراعظم جي ٻانهن جهلي چيو ته توهان اسان جا ڀاءُ آهيو ۽ فلسطين ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪيو. فلسطين جي صدر پاڪستان مان فلسطيني عوام جي لاءِ امدادي سامان ۽ فلسطيني ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ تعليم جي فراهمي جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته فلسين ۾ ميڊيڪل ڪاليجز بند آهن ۽ جنگ جاري آهي ۽ تمام جلد اهڙو وقت ايندو ته اتي ڊاڪٽر دستياب نه هوندا. فلسطيني صدر امدادي سامان موڪلڻ ۽ فلسطيني شاگردن کي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا ڏيڻ جي آڇ کي ساراهيو، فلسطيني صدر چيو ته پاڪستان هر فورم تي اسان جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطين ڪاز جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاليسي پهرين ڏينهن کان واضح آهي. پاڪستان دنيا ۾ واحد ملڪ آهي جنهن جي پاسپورٽ تي لکيل آهي ته هي پاسپورٽ سواءِ اسرائيل جي سمورن ملڪن جي لاءِ ڪارائتو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڀرپور انداز ۾ گڏيل قومن ۾ فلسطين جو ڪيس وڙهيو ۽ سمورن عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ اسرائيلي ڏاڍ ۽ فلسطينين جي حقن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته اسان جي سياسي مخالفن سميت سمورين سياسي پارٽين وزيراعظم جي خطاب کي ساراهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نه رڳو ڪشمير ڪاز تي ڳالهه ڪئي پر ڪشمير ڪاز ۾ هڪ نئون روح وڌو آهي. وزيراعظم پنهنجي تقريب ۾ برهان واني جو خصوصي ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ڀارت مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ به برهان واني جي ميراث زندهه آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت ڪشميري عوام جا حق سلب ڪري رکيا آهن. ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن تحت ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق نه ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ واضح لفظن ۾ ڪشمير ۽ فلسطين جو ڪيس وڙهيو، ڀارت جي جارحيت ۽ ڪشمير بابت پاليسين تي تنقيد ڪئي ۽ ڀارت کي خبردار ڪيو ته پاڪستان ڪنهن به قسم جي جارحيت برداشت نه ڪندو. پاڪستاني معيشت بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن پاڪستاني معاشي پاليسين کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان جون معاشي پاليسيون صحيح رخ ۾ گامزن آهن. هن چيو ته پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اها پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته آءِ ايم ايف معاهدو طئي ٿيڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي معيشت کي ڀرپور طريقي سان ساراهيو ويو آهي. هن چيو ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پڻ پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري کي ساراهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاليسي ريٽ گهٽ ٿيڻ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته سيپٽمبر 2024ع ۾ مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿي آهي، مهانگائي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، اسان جون معاشي پاليسيون صحيح رخ ۾ وڃي رهيون آهن، ان جا اثر عوام تائين پهچي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪي معاشي پاليسيون جوڙيون ۽ معيشت جي لاءِ جيڪي قدم کنيا اهي پاڪستان جي مفاد ۾ آهن، انهن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. مهانگائي ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، ڪرنسي مستحڪم آهي، بلومبرگ پڻ پاڪستاني معيشت کي بهتر قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح 3.07 سيڪڙو تي آهي. هن چيو ته جي ڊي پي گروٿ ۾ اضافو، پاليسي ريٽ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو، سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول خوش آئنده آهن. وفاقي وزير چيو ته دنيا نه رڳو اسان جي معاشي پاليسي کي تسليم ڪري رهي آهي پر ان کي ساراهيو به وڃي پيو. وفاقي وزير چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ مسلسل پنجون ڀيرو گهٽتائي ڪئي وئي اهي ۽ ان گهٽتائي جا اثر عوام کي منتقل ڪيا پيا وڃن. اٽو گذريل سال 160 رپيا في ڪلو هو جيڪو هاڻي 80 رپيا في ڪلو آهي. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ هڪ اهڙو تاثر قائم ڪيو وڃي جنهن تحت ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته ملڪ جون حالتون تمام خراب آهن، ڌرڻي ۽ انقلاب آڻڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن، انهن اڳ ۾ آءِ ايم ايف کي خط لکي آءِ ايم ايف معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي اهي معاشي انگن اکرن جي بهتري کان پريشان ٿي ڪاهه ڪري رهيا آهن، اهي رڳو ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن توهان کي انقلاب آڻڻو آهي ته توهان وٽ پوري صوبي جي حڪومت آهي، توهان اتي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ انقلاب آڻيو، اسڪول ٺاهيون، يونيورسٽيون ٺاهيو، انقلاب آڻڻو آهي ته صوبي ۾ بهترين اسپتالون قائم ڪري انقلاب آڻيو، خيبرپختونخواهه جي عوام جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ امن امان جي صورتحال بهتر ڪريو، اتي هڪ طرف حملا ٿي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف اهي ڪاهه ڪري رهيا آهن، ڪيڏو نه سٺو ٿئي ته توهان تعليم ۽ صحت جو انقلاب آڻيو، ڪيڏو نه سٺو ٿئي توهان ماڻهن جون زندگيون محفوظ بڻائڻ جي لاءِ امن امان قائم ڪريو. هن چيو ته اهي انقلاب آڻيندي نظر نه ٿا اچن ۽ ٻئي طرف ڪاهه جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن ملڪ جي معيشت کي سبوتاز ڪري سگهجي. هن چيو ته امن امان کي خراب ڪرڻ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ رستا بند ڪرڻ جي اجازت ڪنهن به صورت ۾ نٿي ڏئي سگهجي، سرڪاري وسيلن کي استعمال ڪري وفاق تي ڪاهه ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي صورتحال اها آهي ته انهن جو نه حڪومت تي فوڪس آهي نه تعليم تي، نه انهن پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون قائم ڪيون آهن، توهان پنجاب سان ڀيٽ ڪري وٺو، پنجاب ۾ پيٽرول جون قيمتون گهٽ ٿيڻ کانپوءِ فوري ايڪشن ٿئي ٿو ۽ قيمتون گهٽ ڪرايون وڃن ٿيون. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جا وزير ڪاهه جي لاءِ ماڻهو گڏ ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهن، اهي ملڪي معيشت کي ڊي ريل ڪرڻ چاهين ٿا پر ڪڏهن به پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا، ناڪامي انهن جو مقدر آهي، اهي جيڪي به قدم کڻي رهيا آهن ان تي قانون حرڪت ۾ ايندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پارليامينٽ بالادست ادارو آهي، قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي، ان تي سياست ڪرڻ افسوسناڪ آهي، پارليامينٽ جي احترام ۽ اختيار تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، آئين ۽ قانون موجب اڳتي وڌنداسين، حڪومت سمجهي ٿي ته پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. صحافين جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خطاب جي ڪري مجبور ٿي پاڪستان تي تقرير ڪئي. وفاقي وزير چيو ته يروشلم ٽائيمز ۽ ٽائيمز آف اسرائيل باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي حق ۾ آرٽيڪل لکيا پر پي ٽي آءِ جي ڪنهن اڳواڻ ان جي مذمت به نه ڪئي، ڇا انهن جون زبانون بند آهن، ڇا انهن کي ڪنهن منع ڪيو آهي ته انهن کي اسرائيل جي مذمت ناهي ڪرڻي. وفاقي وزير چيو ته ان جو جواب به اڄ تائين ناهي مليو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ ڪهڙي ڳالهه تي ڪنهن کي ايبسليوٽلي ناٽ چيو هو؟ هي ڪوڙ ڪيتري دير تائين هلائيندا، هي اسرائيل جي مذمت ڇو نه ٿا ڪن، انهن جو اسرائيل سان ڪهڙو رشتو آهي؟ هي ڇو فلسطين ڪاز جي لاءِ ڳالهه نه ٿا ڪن؟ ڇو جيل مان بيان نه ٿو اچي ته آئون معصوم فلسطينين سان گڏ آهيان؟ ڇو نه ٿا چون ته منهنجي حق ۾ جيڪي آرٽيڪل اسرائيلي اخبارن ۾ شايع ٿيا اهي غلط آهن؟ هن چيو ته اوورسيز پاڪستانيز جو ٿورائتو آهيان، انهن اسان کي تمام گهڻي پذيرائي ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب ۾ پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون ڪم ڪري رهيون آهن، ٽرانسپورٽرز جڏهن ڪرايو وڌائين ٿا ته ان کي به يقيني بڻايو وڃي ٿو، مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر عوام کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو پيو وڃي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي به گهرجي ته هو قيمتون گهٽ ٿيڻ جا اثر پنهنجي صوبي جي عوام کي منتقل ڪرائي. هن چيو ته هو اسلام آباد اچڻ جو بار بار خواب ڏسي رهيا آهن، هي ڇا ٿا حاصل ڪرڻ چاهين؟ انهن جو خيال آهي ته هتي عدالتي معاملا هلي رهيا آهن ۽ هي دٻاءُ وجهڻ چاهين ٿا پر انهن کان ماڻهو گڏ نه ٿي رهيا آهن، جڏهن انقلاب ايندو آهي ته لکن جو ميڙ هوندو آهي، 10 وزيرن ۽ سرڪاري گاڏين سان انقلاب ناهي ايندو، انقلاب جا خواب ڏسندڙن کي اڳ ۾ به چئي چڪو آهيان ته تبديلي جو جذبو تبديلي جو جنون، انالله وانااليه راجعون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، 12 کان وڌيڪ ملڪي سربراهه ان سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان ايندا، پاڪستان جي ترقي، سافٽ اميج جي لاءِ اها سمٽ سنگل ميل ثابت ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پروفيشنل صحافين ۽ ڪئميره مينن کي فرضن جي ادائگي ۾ مشڪلاتون نه اچڻ گهرجن، پيشيواراڻي فرضن جي ادائيگي ۾ مشڪلاتون ختم ڪرڻ تي صحافي ڪميٽي جوڙين، فوري طور تي آءِ جي صاحب سان ڳالهه ڪئي ويندي.