استنبول-24 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محسن ??قوي سان آذربائيجان جي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير عليوف عصمت راشد ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وزيرن وچ ۾ گهڻ رخي ??ائ??اڻن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفن معام??ن کي هٿي ڏيڻ بابت ڳالهيون ٿيون. آذربائيجان جي مملڪتي وزير ڪجهه ڏينهن اڳ اتر عربي سمنڊ ۾ 145 ملين ڊالرن جي ماليت جي 2400 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪرڻ جي پاڪ بحريه جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيو. مملڪتي وزير، محسن ??قوي جي قيادت ۾ پاڪستاني عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن استنبول انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ پاڪستاني پويلين جو دورو به ڪيو، هن پاڪستاني پويلين ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز جا جديد اوزار ۽ مشينري ڏٺي ۽ انهن جي واکاڻ ڪئي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. وزيرن گڏيل ??ائ??اڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام، بارڊر مينيجمينٽ ۽ منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيرن گڏيل سهڪار کي پائيدار بنيادن تي هٿي ڏيڻ لاءِ مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي گهرو وزير محسن ??قوي آذربائيجان جي مملڪتي وزير کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جڏهن ته آذربائيجان جي مملڪتي وزير، وفاقي وزير محسن ??قوي کي باڪو جي دوري جي دعوت ڏني. گهرو وزير محسن ??قوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ بهترين ??ائ??اڻا لاڳاپا آهن، ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.