اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چ??و آهي ته بلاول آءِ ايم ايف بابت پريشان نه ٿئي، سنڌ حڪومت جي مالي بي ضابطگين ۽ صوبائي خزاني تي ڌاڙي جو جواب ڏي، لانچن ۽ گهرن مان جيڪو پئسو مليو اهو قوم جو پئسو آهي، ان کي واپس ڪرڻو پوندو، ڀٽ?? جو وارث بڻجڻ لاءِ توهان کي ڪرپشن سان ڳانڍاپو ٽوڙڻو پوندو. بلاول ڀٽ?? جي ميڊيا ٽاڪ تي ردعمل جو اظهار ڪندي ??نه??جي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلاول اندرون سنڌ ۾ ايڊز کان متاثر ماڻهن ۽ خاندانن کي تسلي ڏيڻ ڇو نه ويو؟ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وفاق پاران ڏنل اربين رپيا هضم ڪري ڏاڪار تائين به نه ڏيندڙ وفاق کان ڪهڙي ڳالهه جي گلا ڪري رهيا آهن؟