واشنگٽن -10 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن پنه??جي ڊيمو ڪريٽ اڳواڻن کي چيو آهي، ته ايندڙ مهيني شڪاگو ۾ ٿيندڙ پارٽي ڪنيونشن ۾ مون کي چئلينج يا ڊونلڊ ٽرمپ خلاف منه??جي حمايت ڪيو. ميڊيا مطابق جوبائيڊن ڪانگريس کي لکيل خط ۾ چيو ته هو چونڊن ۾ بيهڻ لاءِ پرعزم آهي ?? ان ڊوڙ تان هٿ نه کڻندو. هن چيو ته هي گڏجڻ ۽ هڪ متحد پارٽي طور اڳيان وڌي ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏيڻ جو وقت آهي. هن چيو ته هو پارٽي ۾ موجود اشرافيه مان تمام گهڻو مايوس آهي، انهن مان جنهن جو به خيال آهي ته مون کي چونڊ نه وڙهڻ گهرجي، اهو منه??جي خلاف چونڊ وڙهي ?? صدارتي اميدوار طور اعلان ڪري ۽ کيس ڪن??ين??ن ۾ چئلينج ڪري. ٻئي پاسي ڊونلڊ ٽرمپ انٽرويو ۾ چيو ته منه??جي خيال ۾ جوبائيڊن دٻاءُ برداشت ڪندو ۽ ڊوڙ ۾ شامل رهندو، سندس انا آهي ?? هو هٿ نٿو کڻڻ چاهي.