اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) بالاڪوٽ حملي کانپوءِ ڀارت جي ٻن جه??زن کي ڪيرائڻ ۽ پائليٽ کي گرفتار ڪرڻ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان ”فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم“ جي عنوان سان دستاويزي فلم جاري ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪ فوج پيشيواراڻي صلاحيت ۽ جديد ترين ٽ??ڪنالاجي سان واڳيل وسيلن کي استعمال ڪندي ملڪ کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي، پاڪستان جي دستاويزي فلم ذريعي حقيقتون دن??ا آڏو رکي ڀارتي ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه کي پڻ شڪست ڏئي ڇڏي آهي، 27 فيبرو??ي تي پاڪ فضائيه جي جوابي ڪارروائي اسان جو فخر آهي، پوري قوم اڄ اربع ڏينهن فخر سان فتح جو ڏينهن ملهائيندي، پاڪ فضائيه 27 فيبرو??ي تي سرپرائز ڏئي ڀارت کي شڪست ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تيار ڪيل فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم جي عنوان سان دستاويزي فلم جاري ڪرڻ جي موقعي تي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته امن جي خواهش پاڪستان جي قومي بيانيي جو بنيادي حصو آهي، ڀارتي قيدي پائلٽ جي آزادي به امن جي خواهش جو اظهار هو.