اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ نئون اسپ??رٽ?? ميپ تربيت ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ضلعي سطح تي ٽيلينٽ هنٽ ۽ مقابلا سازي جي لاءِ تنظيمي ڍانچي جي نئين ??ر جوڙجڪ ضروري آهي، قومي ۽ روايتي راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. هو هتي ملڪ ۾ راندين جي فروغ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ سينئر آف??سر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ موجب بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي پاڪستان اسپ??رٽ?? بورڊ ۾ وزيراعظم جي ملڪ ۾ راندين جي فروغ، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي ويزن جي روشني ۾ نئين ??ر تنظيم سازي جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستاني اسپ??رٽ?? بورڊ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي نئين ??ر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي ۽ پيشيوراڻي مينيجمينٽ ڪنسلٽنٽس جي سفارشن جي روشني ۾ نئون تنظيمي ڍانچو جوڙيو پيو وڃي، بين الصوبائي رابطن واري وزير اسپ??رٽ?? ڪمپليڪس اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ ڪوچنگ سينٽرز ۾ راندين جي انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين سهولتن جي بحالي، اداري جي اسپيشل آڊٽ ۽ انتظامي معاملن ۾ گذريل ٻ?? سالن ۾ نمايان بهتري جي حوالي سان قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غير ضروري خرچن ۾ نماين گهٽتائي، سفارشي ڪلچر جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي، انهن قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان اسپ??رٽ?? بورڊ جي منافعي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مستحق رانديگرن کي گرانٽس جي مد ۾ مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪووڊ 19 جي مدد به شامل آهي