اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت صوبي جي ع??ام جي مسئلن کي نظر انداز ڪيو جنهن سان موجوده صورتحال پيدا ٿي آهي، وفاقي حڪومت سمورا سياسي اخ??لافن کي مٿانهون رکندي سنڌ جي ع??ام جي مسئلن جي حل لاءِ جامع ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي قانونسازي ۾ رخنو وجهي اين آر او چاهي ٿي، ملڪ ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، ??وام جي سامهون مخالف ڌر جو ڪردار بي نقاب ڪندا ره??داسين، انهن جو مقصد ملڪي مفاد نه پر ذاتي مفاد ۽ پنهنجي اڳواڻن جو تحفظ آهي، ??رآمدي کنڊ ۽ ڪڻڪ ملڪ ۾ پهچي چڪي آهي جنهن سان قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي پاليسين جو محور لاچار ۽ غريب طبقا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ڪراچي جي ع??ام جنهن ڪرب مان گذري ره?? آهي ان سان وفاقي حڪومت لاعلم نه آهي، ??ڪومت سميت پوري قوم کي ڪراچي جي ع??ام سان پوري همدردي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي ڪراچي جي صورتحال تي بريفنگ وٺي ره??و آهي، وزيراعظم عمران خان هلندڙ هفتي ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم سنڌ جي صوبائي حڪومت کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.