اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف پنهنجي وڇايل ڄار ۾ پاڻ ڦاسي ويو آهي، برطانيا ??ي عدالت?? کي به خبر پوندي ته سندس ??صليت ۽ حقيقت ڇا آهي؟ سماج?? رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ شهباز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ته قوم جو سوال آهي ته توهان سچا هجو ها ته عدالت سان رجوع ڪرڻ ۾ 6 مهينا ڇو لڳايا؟ شهباز صاحب! ميڊيا تي اثرانداز ٿيڻ توهان جو شيوو آهي.