لاهور -19 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هاڻوڪي چين جي دوري جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، هڪ هزار ماڻهن تي ٻڌل وفد ٽريننگ لاءِ سيپٽمبر ۾ چين روانو ٿيندو، ايندڙ پنج سالن لاءِ ويزن 29-2024ع تي ڪم ڪري رهيا آهيون، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل کان سواءِ ملڪي ترقي ممڪن ناهي، دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، اسان کي ٺوس ۽ جامع قدم کڻڻا پوندا نه ته اسان دنيا کان تمام گهڻو پوئتي رهجي وينداسين. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي انتظام هيٺ فوڊ سيڪيورٽي جي موضوع تي منعقد 2 ڏينهن واري ڪانفرنس کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ کي سمورن وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، ضرورت ان امر جي آهي ته انهن وسيلن کي ڪتب آندو وڃي، اختلافن کي وساري ملڪي ترقي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نوجوان ملڪي آبادي جو 60 سيڪڙو حصو آهن، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائي غربت جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، ملڪي آبادي ۾ تيزي سان اضافو موجوده وقت ۾ درپيش مسئلن جو سڀ کان وڏو سبب آهي، موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اپنائڻو پوندو، حڪومت فوڊ سيڪيورٽي کي اولين ترجيح ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين سبب فوڊ سيڪيورٽي کي چئلينجز درپيش آهن، اسان کي به انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو، مان نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي کي ان اهم موضوع تي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، جن آئيڊياز جي مٽاسٽا، بهترين عملي قدمن جي اشتراڪ، ۽ شراڪتداري جي قيام لاءِ هڪ قيمتي پليٽ فارم فراهم ڪيو، هتي ٿيندڙ ڳالهيون ۽ بصيرت يقيناً اسان جي ملڪ جي فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر پاليسيون جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. احسن اقبال چيو ته ماحولياتي تبديلين جي خطرن سبب سڄي دنيا ۾ هڪ بحران جي ڪيفيت پيدا ٿي آهي، پاڪستان جو ڳاڻيٽو به انهن ملڪن ۾ ٿيندو آهي جن کي ماحولياتي تبديلين سبب فوڊ سيڪيورٽي جا خطرا درپيش آهن، آگاهي نه ملڻ سبب اسان جا آبادگار اڃا به زراعت ۾ روائتي ذريعا استعمال ڪري رهيا آهن پر اهو ٻج جيڪو ڪيترن ئي سالن کان هڪ مخصوص موسم اندر پيداوار ڏئي رهيو هو، هاڻي انهن لاءِ اها پيداوار ڏيڻ ممڪن ناهي رهيو. هن چيو ته زرعي جنسون پيدا ڪرڻ ۾ اسان دنيا جي 10 وڏن ملڪن ۾ شامل آهيون، اسان جو ملڪ کير پيدا ڪندڙ وڏن ملڪن جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي آهي پر هاڻي ماحولياتي تبديلين سبب پيداوار ڏيڻ ممڪن ناهي رهيو، اسان کي زرعي پيداوار لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو، بائيو ٽيڪنالاجي، آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ذريعن کي استعال ۾ آڻڻو پوندو جنهن سان اسان پنهنجي زرعي جنسن جي پيداوار 80 کان 200 سيڪڙو تائين وڌائي سگهون ٿا. وفاقي وزير چيو ته جديد ٽيڪنالاجيز ذريعي دنيا جو نظام تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ فورٿ انڊسٽريل انقلاب ايندڙ پنجن کان 10 سالن ۾ پيداوار جي سمورن ذريعن کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيندو، ڪيتريون ئي مشهور ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ادارا جن ۾ نوڪيا، بليڪ بيري وغيره شامل هئا، انهن وقت مطابق پنهنجو پاڻ کي جديد نه بڻايو ۽ پوئتي رهجي ويا آهن ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ نيون ڪمپنيون اڳيان اچي ويون آهن انهي لاءِ اسان کي به پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ لاءِ دنيا سان گڏ هلڻو پوندو نه ته اسان به گهڻو پوئتي رهجي وينداسين. وفاقي وزير چيو ته ماحولياتي تبديلين سبب 1991ع کان 2021ع تائين 31.6 ارب ڊالرز جو نقصان کڻڻو پيو، سال 2022ع ۾ ملڪي جي ڊي پي جو 4.1 سيڪڙو نقصان کڻڻو پيو جيڪو 3.2 کرب روپيا بڻجي ٿو، ان ٻوڏ ۾ 4.4 ملين ايڪڙ زرعي ايراضي پاڻي هيٺ آئي، 8 لک کان وڌيڪ چوپايو مال ٻوڏ ۾ لڙهي ويو، صرف زرعي سيڪٽر ۾ 800 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان کڻڻو پيو، عالمي اداري جي هڪ اندازي مطابق 2023ع کان 2030ع وچ ۾ پاڪستان کي ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تقريبن 348 بلين جي سيڙپڪاري جي ضرورت هوندي، هن وقت ملڪ کي معاشي بحران درپيش آهي، ملڪ جي مجموعي روينيو جو 50 سيڪڙو قرضن جي صورت ۾ ادا ڪرڻو پئجي رهيو آهي، گذريل سال وفاقي حڪومت کي صوبن جو حصو ڏيڻ کان پوءِ مجموعي روينيو 7000 ارب روپيا بچيو، پر جيڪو قرض ادا ڪيو ويو اهو هو ساڍا 8000 ارب روپيا. پگهارن، پينشن، دفاعي خرچن ۽ ترقياتي خرچن لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻو پيو، هي اهو معاشي چئلينج آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته قوم جي حيثيت سان هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي پنهنجي روئين ۾ به تبديلي آڻڻي پوندي، اسان سماجي شعبي ۾ گهڻو پوئتي آهيون، موثر سماجي ۽ اقتصادي پليٽ فارم کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي، اسان کي سماجي ناهمواري کي ختم ڪرڻو پوندو، ملڪي ترقي لاءِ نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻو پوندو، نوجوان آبادي جو 60 سيڪڙو حصو آهن، علم کي عمل ۾ آڻڻ جي صلاحيت بنا ترقي ممڪن ناهي، نوجوانن کي ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ڏئي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي، هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ ٻين درپيش چئلينجز ۾ رڪاوٽ جو هڪ وڏو سبب ملڪ جي تيزي سان وڌندڙ آبادي به آهي، پاڪستان جو شمار تيزي سان آبادي ۾ اضافو ڪندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو، سال 2017ع ۾ آبادي ۾ اضافي جي شرح 3 سيڪڙو مان گهٽجي 2.4 سيڪڙو تي پهچي وئي هئي پر تازن انگن اکرن مطابق ان شرح ۾ ٻيهر اضافو ٿيو ۽ اها شرح 2.55 سيڪڙو ٿي وئي. هن چيو ته پاڪستان جو شمار غذائي کوٽ جي شڪار ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي 26 ملين کان وڌيڪ ماڻهو بک جو شڪار آهن، عالمي سطح تي پاڪستان جو شمار 116 ملڪن مان 92 نمبر ۾ اچي ٿو. 2022ع مطابق پاڪستان ۾ 18.5 سيڪڙو ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار هئا، 12.9 سيڪڙو آبادي غير معياري غذا وٺڻ تي مجبور هئا، جڏهن ته 42.3 سيڪڙو ماڻهن کي وچولي درجي جي خوراڪ ملي رهي آهي، جيڪڏهن حالتون اهڙي طرح رهيون ته ايندڙ سالن ۾ فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو وڌيڪ سنگين ٿي ويندو. هن چيو ته گلوبل وارمنگ سبب ملڪ ۾ آبي ذخيرن جي گهٽتائي به سنگين صورتحال اختيار ڪندي پئي وڃي، پاڻي جي سطح ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي، جنهن لاءِ اسان کي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير چيو ته جيستائين ملڪ ۾ امن، سياسي استحڪام، پاليسين ۾ تسلسل ۽ سڌارن جو تسلسل نه رهيو ته ملڪ ۾ ترقي جو خواب ممڪن ناهي. بدقسمتي سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سياسي عدم استحڪام شڪار رهيو آهي، جنهن جي ڪري پاليسيون به عدم تسلسل جو شڪار ٿيون، اسان 1998ع ۾ ويزن 2025 ڏنو، سي پيڪ جو منصوبو ڏنو، جنهن پوري دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ کي بدلائي ڇڏيو پر بدقسمتي سان ان کي پٺتي رکيو ويو. وفاقي وزير چيو ته اڄ اسان کي جن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي سوچڻو آهي ته ڪهڙي طريقي سان اسان اڳيان وڌي سگهون ٿا ۽ اڳيان نڪرڻ جو رستو اهو ئي آهي جنهن رستي تي جاپان، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، ترڪيه، بنگلاديش ۽ ڀارت هلي رهيا آهن ۽ اتي سياسي استحڪام آيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ زرعي سڌارا آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم جي چين جي هاڻوڪي دوري دوران چين جي حڪومت سان اسان جي نوجوان سائنسدانن، زرعي ماهرن ۽ آبادگارن کي ٽريننگ ڏيڻ جا معاهدا ڪيا جنهن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته حڪومت فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن جن مان وزيراعظم جي قومي پروگرام تحت زرعي ٽيوب ويلن جي سولرائيزيشن، بهتر ڪپهه جي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ پروگرام، پٽاٽي جي ٽشوڪلچر ٽيڪنالاجي، معياري زرعي ٻجن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم شامل آهن، جڏهن ته هاڻوڪي بجيٽ ۾ زرعي سڌارن لاءِ 240.530 ملين روپيا رکيا ويا آهن. پلانٽ بريڊرز جي بجيٽ ۾ 240 ملين روپيا رکيا ويا آهن، بلوچستان ۾ سيڊ سرٽيفڪيشن سروسز جو قيام، نيشنل آئل سيڊ پروگرام، ملڪ جي برسات جي پاڻي تي ٿيندڙ آبادي وارن علائقن ۾ پيداوار کي وڌائڻ لاءِ ڪمانڊ ايرياز جو قيام، قومي پروگرام تحت پاڻي جي بهتري لاءِ منصوبا، چانورن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ منصوبا، ڪمند، ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ پروگرام، هارٽيڪلچر کي هٿي ڏيڻ جا پروگرامز شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ کي هر قسم جي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان انهن وسيلن کي بهتر طريقي سان ڪتب آڻيون. ڊاڪٽر اي ڪيو خان جو ذڪر ڪندي چيو ته محدود وسيلن باوجود هن پاڪستان کي دنيا ۾ هڪ ايٽمي طاقت وارو ملڪ بڻايو، اهڙي ريت ارشد نديم جو مثال ڏيندي چيو ته جيڪڏهن وسيلا نه به هجن، صرف محنت ۽ جذبي سان ڪاميابي توهان جا قدم چمي سگهي ٿي. ڪانفرنس ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي نويد الاهي، ڊاڪٽر اعجاز منير، ايس آءِ ايف سي جي ميجر جنرل شاهد نذير، ايف اي او جي پاڪستان ۾ نمائندي فلورنس رول، موسمياتي تبديلي جي ماهر عمرانه ٽوانا ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماهرن، استادن، صحافين، شاگردن، مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.