راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراروغه ۾ ڪارروائي ڪندي 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراروغه ۾ ڪارروائي ڪندي 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو. مارجي ويل خوارجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ معصوم شهرين خلاف دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ڪنهن به خوارجي جي موجودگيءَ لاءِ سينيٽائزيشن آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي.