اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) موجوده حڪومت تعميراتي شعبي ۾ تاريخي پئڪيج ڏنو آهي جنهن سان نه رڳو گهٽ آمدني وارن م??ڻهن کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو خواب پورو ??رڻ ۾ مدد ملندي پر ملڪ ۾ تعميرات ۽ ان سان واڳيل صنعتن جي فروغ سان م??يشت جو ڦيٿو هلندو ۽ لکين م??ڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس پاران سوشل ميڊيا تي جاري پيغام موجب وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل تاريخي تعميراتي پئڪيج جو مقصد گهٽ آمدني وارن م??ڻهن جي لاءِ ڇت حاصل ڪرڻ آسان بڻائڻ آهي. ان مقصد جي لاءِ 5 مرلي جي گهر تي رڳو 5 سيڪڙو مارڪ اپ، 10 مرلي جي گهر تي رڳو 7 سيڪڙو مارڪ اپ ورتو ويندو. جڏهن ته بئنڪن پاران 130 ارب رپيا تعميراتي شعبي جي لاءِ رکيا ويا آهن. تعميراتي پئڪيج سان نه رڳو عام ماڻهو کي گهر ٺاهڻ ۾ سهولت ملندي پر ملڪ ۾ ??يت??ين ئي صنعتن جو ڦيٿو پڻ هلندو جنهن سان روزگار جا ??يت??ائي موقعا پيدا ٿيندا. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقي جو وڏو ا??گ اهڙو آهي جنهن جو دارومدار تعميراتي شعبي سان واڳيل آهي.