اسلام آباد – 10 جون (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪورونا سبب شاگردن جي تعليمي نقصان کان بچاءُ جي لاءِ يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ آن لائن تعليم جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽيون معياري تعليم جي فروغ لاءِ تحقيق، جدت تي ٻڌل تعليم ۽ قومي ۽ عالمي يونيورسٽ??ن سان رابطن کي فروغ ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد نعيم خان جي وڊيو ل??ڪ ذريعي بريفنگ دوران ڪيو.