اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي هٿرادو کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته هٿرادو کوٽ جي ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي و??ي. ??يٽروليم واري وزارت ۽ اوگرا ايندڙ 48 کان 72 ڪلاڪن ۾ پيٽرول جي باقاعده سپلائي کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته اسان جي عوام جي هڪ طبقي ۾ ڪورونا جي باري ۾ اڃان به غلط فهميون موجود آهن جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي معاشي ح??لت?? کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون ممڪن نه آهي، معاشري ۾ اضطراب (خوف) پيدا ڪرڻ بدران ان صورتحال جو مقابلو ڪ??ڻو پوندو، شوگر انڪوائري جي معاملي کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، کنڊ جي قيمت ۾ هر صورت ۾ گهٽتائي آڻينداسين، هي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي جنگ آهي جيڪو به ان معاملي ۾ ملوث هوندو ان جي خلاف ايڪشن ضرور ٿيندو، جڏهن ته وفاقي ??اب??نا ارسا ٽيلي ميٽر سسٽم کي سبوتاز ڪرڻ جي معاملي جي انڪوائري لاءِ ڪميٽي جوڙڻ، قابل ماڻهن کي سرڪاري ادارن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي ??اب??نا چيو آهي ته سالن کان غير فعال اسٽيل ملز جو سڄو بار عوام کي برداشت ڪ??ڻو پئجي رهيو آهي، ملڪي مفادن ۾ سڌارن واري ايجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو، ??اب??نا پولٽري جي قيمتن ۾ اضافي جي معاملي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاقي ??اب??نا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.