اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شب??ي فراز چيو آهي ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جي حوالي سا?? سمورن صوبن سا?? مشاورت کانپوءِ اڄ اربع ڏينهن فيصلو ڪيو ويندو، پبلڪ ٽرانسپورٽ سا?? گڏ باقي شعبن کي مرحليوار کوليو ويندو، ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي جارحاڻي ۽ هڪ طرفي قدم کانپوءِ حڪومت پاران ڀارت سا?? سمورين شين جي درآمد تي پابندي لڳل آهي جڏهن ته زندگي بچائيندڙ دوائن کي ان پابندي کان ڇوٽ قرار ڏنو ويو آهي، وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ هينڊ سينيٽائي??ر ۽ چانورن جي برآمد، وزيراعظم پاڪستان ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سا?? پاڪستان حڪومت، اخوت پاڪستان ۽ اخوت يو ايس اي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت، اقليتن بابت قومي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي باضابطا منظوري ڏني آهي، موجوده صورتحال ۾ مخالف ڌر کي هم آهنگي جو مظاهرو ڪ??ڻ گهرجي، مون ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا نيگيٽو آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.