اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته عمران خان ايماندار شخص آهي ۽ سندس ڪو به ذاتي مفاد نه آهي ۽ نه ئي هن جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني آهي، نواز شريف پنهنجي بيماري کي پاڻ تڪراري بڻايو آهي، سندس پارٽي ۾ به بيچيني پيدا ٿي وئي آهي، اسان جون ڪمزوريون ضرور آهن پر حڪومت ۾ ملڪ جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ آيا آهيون، ان ڳالهه کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو و??ندو ته ڪو ماڻهو پاڪستان جي جهنڊي ?? رياست خلاف نعرو هڻي، جيڪڏهن ان کي روڪيو و??و ته گهرو و??ڙهه ٿيندي، سڀني کي دعوت ڏيون ٿا ته پارليامينٽ ۾ اچي ڳالهائين، جيستائين ادارن ۾ سڌارا نه ايندا تيستائين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو، پاڪستان جلد ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪ??ي ايندو. قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته هر حڪومت جي خواهش هوندي آهي ته ان جي لاءِ سياسي ۽ سماجي مسئلا نه ٿين.