اسلام آباد – 08 – جنوري (ا?? پي پي) نگران ??زي??ا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان حل ڪڍيو وڃي، ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي. ??زي??ا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران ??زي??ا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اليڪٽرڪ) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس عبدالله علوي جي قيادت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي وف?? ملاقات ڪئي. وف?? ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪي اليڪٽرڪ مونس عبدالله علوي، چيف فنانس آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عامر غزيني ۽ ريگيوليٽري آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عمران قريشي شامل هئا. ان موقعي تي توانائي وارو نگران وف??قي ??زي?? محمد علي، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ريحان اختر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي نگران ??زي??ا??ظم کي ڪي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وف?? نگران ??زي??ا??ظم جا ڪي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وف?? ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ 390 ارب رپين جي سيڙپڪاري پلان ۽ قابل تجديد توانائي جي 640 ميگاواٽ جي منصوبن جي لاءِ اگهن جي منظوري ۽ 1000 ميگاواٽ اضافي بجلي جي فراهمي تي نگران ??زي??ا??ظم جا ٿورا مڃيا. نگران ??زي??ا??ظم چيو ته حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي گڏيل تعاون سان ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي مثبت پيغام مليو آهي. نگران ??زي??ا??ظم توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان مستقل حل ڪڍيو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي.