GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ڀارت ۽ اسرائيل کي ڪشميرين ۽ فلسطينين کي انهن جو بنيادي حق ڏيڻو پوندو، ڳالهه ٻولهه سان ئي سمورا تڪرار حل ڪري سگهجن ٿا، ڀارت ڄاڻي ٿو ته هو پاڪستان سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه نٿو ڪري سگهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل کي ڪشميرين ۽ فلسطينين کي انهن جو بنيادي حق ڏيڻو پوندو، ڳالهه ٻولهه سان ئي سمورا تڪرار حل ڪري سگهجن ٿا، ڪشميرين جي آزادي تائين هر فورم تي انهن جي حمايت جاري رکنداسين، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين جو رت رنگ لائيندو، ڀارت کي ان حقيقت جو ادراڪ آهي ته هو پاڪستان سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي وڊيو لنڪ جي ذريعي ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 77 سال اڳ آگسٽ جي مهيني ۾ قائداعظم جي عظيم قيادت ۽ لکين مسلمانن جي عظيم قربانين سان پاڪستان وجود ۾ آيو هو. اڄ پاڪستان جي عوام سبز هلالي جهنڊي هيٺ پنهنجي زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت غاصباڻي طور تي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن کي کسي ورتو ۽ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري ڪشمير ۾ غيررياستي ماڻهن کي آباد ٿيڻ جو قانوني حق ڏنو ويو. انهن کي اتان جي رهواسين جي ملڪيتن جي جبري طور خريداري جو حق پڻ ڏنو ويو. هن چيو ته هي اهو ظالماڻو قدم آهي جيڪو لاڳيتو آزادي جو حق گهرندڙ لکين ڪشميرين سان گذريل 77 سالن کان رکيو ويو آهي. هن چيو ته قائداعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو. جيستائين ڪشمير آزاد نه ٿو ٿئي، جيستائين انهن کي بنيادي حق ملي نه ٿا وڃن، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي مدد جاري رکندو ۽ عالمي فورمز جا دروازا کڙڪائيندو رهندو. اهو وقت جلد ايندو جڏهن ڪشميري ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزاد ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته 77 سال گذري وڃڻ جي باوجود ڪشمير جي واديءَ هزارين ڪشميرين جي رت سان ڳاڙهي آهي ۽ انهن تي ظلم جا جبل ٽوڙيا ويا انهن جو داستان دنيا آڏو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ 5 آگسٽ تي اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي سلام عقيدت پيش ڪريون ٿا، انهن جي عظيم جدوجهد جو داستان پيش ڪريون ٿا. ڪشمير ڪاز جي لاءِ جن لکين ڪشميرين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا اسان انهن کي ساراهيون ٿا ۽ واعدو ڪريون ٿا ته انهن قربانين کي وساريو نه ويندو ۽ نه رائيگان وينديون. هن چيو ته اسان چوڌري غلام عباس، سردار ابراهيم خان، مير واعظ محمد يوسف شاهه، سيد علي گيلاني، محمد اشرف صحرائي، الطاف احمد شاهه، مولانا عباس انصاري ۽ انهن سمورن بزرگن، نوجوانن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي نظريي جي لاءِ دلين کي گرمايو ۽ تحريڪ هلائي ۽ ڏينهن رات آزادي جي لاءِ آواز اٿاريو، ڀارت جي ڏاڍ جو ڀرپور مقابلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان آسيه اندرابي، ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، شبير احمد شاهه، مسرت عالم ڀٽ کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ڪيترائي سال دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ مصيبتون ۽ ظلم برداشت ڪيو. انهن جي گهرڀاتين کي انهن سان ملڻ نه ڏنو ويو. انهن فوجي گهيراءُ ۾ اهو ظلم برداشت ڪيو پر پنهنجو ڪنڌ نه جهُڪايو ۽ ظلم جي باوجود ڪشمير بڻجندو پاڪستان جي وڏا نعرا هنيا. انهن نعرن جي گونج کي روڪڻ جي لاءِ ڀارتي فوج سمورا حربا استعمال ڪيا ۽ سمورا ظلم ڪيا پر ان جذبي ڀارت جي سمورين ڪاررواين کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين جو رت رنگ لائيندو. هن چيو ته اسان اڄ سردار ابراهيم خان، سردار عبدالقيوم خان، سردار سڪندر حيات خان سميت سمورن مرحوم قائدين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي سڄي عمر ڪشمير ڪاز جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڀارت جي ظلم جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪائيندڙ ڪارڪنن کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ فلسطيني پڻ پنهنجي آزادي جي لاءِ جانيون ڏئي رهيا آهن، غزه ۾ ظلم ڪيو پيو وڃي. 40 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي. اسڪولن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اسرائيلي فوج جيڪو ظلم ڪري رهي آهي ان کان بدترين ظلم جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي پر فلسطيني ڀائرن جي قربانين جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي. وزيراعظم چيو ته ڪشميري ۽ فلسطينين جون قربانيون جلد رنگ لائيندون. هن چيو ته اسرائيل جي وزيراعظم پنهنجي فوج جي ذريعي جهڙي طرح جا ظلم فلسطين ۾ ڪيا آهن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي توهين ڪئي آهي ان جو به مثال نه ٿو ملي. وزيراعظم چيو ته تهران ۾ اسماعيل هنيه کي شهيد ڪيو ويو. پاڪستان سميت اسلامي ملڪن نه رڳو سوڳ ملهايو پر ان جي ڀرپور مذمت ڪئي. ان جي غائباني جناز نماز ادا ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته مسجد اقصيٰ جي امام کي اسماعيل هنيه جي ڳالهه ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکي وڃي ته ڀارت ڪڏهن به ڪشمير کي پنهنجو حصو نٿو بڻائي سگهي. هو جيترو ظلم ڪري هو ڪشميرين کي غلام نه ٿو رکي سگهي. وزيراعظم چيو ته هڪ ڏينهن ايندو ته اسرائيل ۽ ڀارت کي انهن ظلمن جو جواب ڏيڻو پوندو ۽ انهن جي ناجائز قبضي کان اتان جي عوام کي آزادي ملندي. هن چيو ته اڄ پوري پاڪستاني قوم ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدم جي ڀرپور مذمت ڪري رهي آهي. اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڀارت کي پنهنجا ڪيل واعدا پورا ڪرڻا پوندا. پاڻ نهرو ڪشمير ۾ ريفرنڊم جو واعدو ڪيو هو، ان حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون پڪاري پڪاري ڪشميرين جو حق ڏيارڻ جي ياد ڏيارين ٿيون. عالمي برادري سميت پاڪستان ۽ ڪشميرين انهن ڀارتي قدمن کي رد ڪري ڪيو. گڏيل قومن ۽ او آءِ سي انهن ڀارتي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري چڪي آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن دنيا کي واضح پيغام ملڻ گهرجي ته ڀارت ڪشميرين جي تقدير جو فيصلو هڪطرفي طور نه ٿو ڪري سگهي. ان حوالي سان ڀارت ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي ته هو ڪشميرين جو حق کسي سگهي ٿو. ڪشمير هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿيندو ۽ انهن کي انهن جو حق ضرور ملندو. هن چيو ته پاڪستان هڪ ائٽمي طاقت آهي. پاڪستان پنهنجي ائٽمي قوت کي جارحيت جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو سوچي به نه، بهتر رستو امن جو رستو آهي ۽ انهن تڪرارن جو گڏجي ويهي حل ڪڍڻ جي لاءِ ڀارت کي هوش کان ڪم وٺڻو پوندو. هن چيو ته ڀارت کي ان حقيقت جو ادراڪ آهي ته هو پاڪستان سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهي. الله پاڪستان کي اها طاقت ڏني آهي ته هو پنهنجي طرف کڄندڙ اک کي جواب ڏي. اهڙي طرح فسلطين جي مسلمانن کي به انهن جو حق ملڻ گهرجي ته جيئن دنيا ۾ امن ٿئي. ان کانسواءِ سمورا رستا تباهي طرف وڃن ٿا. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن ڀارت ۽ اسرائيل کي اهو پيغام واضح طور تي پهچندو ته امن جو رستو ئي واحد رستو آهي. ڪشميرين ۽ فلسطينين کي انهن جو بنيادي حق ملڻ گهرجي.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں